صوفي ڪلب شڪارپور

صوفي ڪلب شڪارپور: شڪارپور جي اديب ۽ شاعر آغا صوفيءَ جي ياد ۾ هڪ ڪلب ‘صوفي ڪلب’ جي نالي سان قائم ڪئي وئي، جنهن جو باني آغا عبدالنبي عليگ هو، جنهن 1965ع جي آخر ۾ ان ڪلب جو بنياد وڌو. آغا نادر خان، حبيب الله ڀٽو ۽ صوفي جهامنداس ‘عاشق’ هن ڪلب جي سرگرم ميمبرن ۾شامل هئا، جن جي ڪوششن سان هن ڪلب ۾ شاعرن جون محفلون به ٿينديون رهنديون هيون، جيڪي بعد ۾ ختم ٿي ويون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو